تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان

تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان

تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان

تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان: تذڪره نويسيءَ تي فارسي ٻوليءَ ۾ هي تحقيقي ڪتاب ڊاڪٽر سيد علي رضا نقوي جو لکيل آهي. ڪتاب جي تقريظ ڊاڪٽر پرويز ناتل خانلري جي لکيل آهي. ڊاڪٽر علي رضا نقوي پيشگفتار کان پوءِ مقدمي ۾ تذڪري ۽ تذڪره نويسي تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ تفصيلي بحث انهن ڪتابن تي ڪيو آهي، جيڪي صرف پاڪ وهند ۾ لکيا ويا آهن. مصنف تذڪرن جي احوال کي چئن حصن ۾ ورهايو آهي. پهرين حصي ۾ مغلن کان اڳ جي تذڪري جو احوال، ٻئي ۾ مغلن جي دور ۾ لکيل تذڪرن جو احوال، ٽئين ۾ انگريزن جي دور ۾ لکيل تذڪرن جو احوال ۽ چوٿين ۾ انگريزن جي دور کان پوءِ جي لکيل تذڪرن جو تفصيلي احوال موجود آهي. هن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌين جي لکيل فارسي ٻوليءَ ۾ تذڪرن ۽ سنڌ ۾ لکيل فارسي تذڪرن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيل آهي. پهرين حصي ۾ سديد الدين محمد عوفي جي تذڪري ’تذڪره لباب الالباب‘ (618هه/1221) جو تفصيلي احوال آهي. فارسي ٻوليءَ جو هي پهريون تذڪرو سنڌ ۾ لکيو ويو هو. ٻئي حصي ۾73 تذڪرن: 1. روضة السلاطين- مولانا سلطان محمد فخري 935هه/ 528ع- 961هه/1553ع ، 2. جواهر العجائب- مولانا سلطان محمد فخري 963هه/ 1555ع، 3. نفايس المآثر –مير علاءُ الدوله ڪامي قزويني 973هه/ 1565ع- 979هه/ 1571ع، 4. مجمع الفضلا – محمد عارف بقائي 996هه/1587ع- 1000هه/1591ع، 5. بزم آراي - سيد علي بن محمد الحسيني 1000هه/1591ع، 6. هفت اقليم-امين احمد رازي 1002هه/1593ع، 7. خلاصة الاشعاروزبدة الافڪار- تقي الدين ذڪري ڪاشي 958هه/1551ع-1016هه/1607ع، 8. خلاصة الشعرا (بتخانه)- مولانا محمد صوفي مازندراني و عبداللطيف گجراتي1010هه/1601ع-1021هه/1612ع، 9. عرفات العاشقين -تقي الدين محمد تقي اوحدي 1022هه/1613ع-1024هه/1615ع، 10. تذڪره خرابات (مولف معلوم ناهي)1010هه/1601ع-1025هه/1616ع، 11. ميخانه (عشاق)- عبدالنبي خان فخر الزماني قزويني1028هه/ 1618ع، 12. تاريخ جهانگيري- مطربي سمر قندي 1034هه/1624ع- 1035هه/1625ع، 13. جمع الشراي جهانگيري- قاطعي 1014هه/1605ع-1037هه/1627ع، 14. مجمع الشعر اي جهانگيري- محمد صادق 1042هه/1632ع، 15. خزينه گنج الهي- مير عماد الدين محمود الهي همداني 1062هه/ 1651ع-1052هه/1642ع 16. لطايف الخيال- شيخ مفيد محمد بن محمد عارف شيرازي دارابي 1078هه/1667ع، 17. ڪلمات الشعرا- ميان محمد افضل سر خوش 1093هه/1681ع، 18. مرآت الخيال- شير خان لوڌي 1102هه/1690ع، 19. هميشه بهار- ڪشن چند اخلاص 1136هه/1723ع، 20. سفينه بيخبر- مير عظمت 1141هه/1728ع، 21. مقالات الشعرا- قيام الدين حيرت 1144هه/1731ع، 22. سفينه خوشگوي- بندرا بن داس خوشگو 1137هه/1724ع-1147هه/1734ع، 23. يد بيضا- مير غلام علي آزاد بلگرامي 1145هه/1732ع- 1148هه/1735ع، 24. تذڪره ندرت- علي فطرت عطاءُ الله ندرت 1149هه/1736ع، 25. گلدسته- عبدالوهاب عالمگيري 1155هه/1742ع، 26. بهارستان سخن- مير عبدالرزاق صمصام الدودله 1160هه/1747ع، 27. رياض الشعرا- عليقلي خان واله داغستاني 1160هه/1747ع-1161هه/1748ع، 28. منتخب الاشعار –ميرزا ڪاظم ملقب به مدا نعلي خان مبتلا 1161هه/1748ع، 29. منتخب حاڪم- ملا عبدالحڪيم حاڪم لاهوري 1161هه/ 1748ع، 30. تذڪره حسين- مير حسين دوست حسيني سنڀلي 1163هه/1749ع، 31. مجمع النفايس- شيخ سراج الدين علي خان آرزو 1163هه/1749ع-1164هه/1750ع، 32. تذڪرة المعاصرين- شيخ محمد علي حسين 1165هه/1751ع، 33. سفينه علي حزين- شيخ علي محمد علي حزين (سن خبر ناهي)، 34. تحفة الشعرا- ميرزا افــضــل بـبـڪــ قاقــشال اورنــڪــ آبــادي 1165هه/1751ع، 35. سروآزاد- مير غلام علي آزاد بلگرامي 1166هه/1752ع، 36. سفينة الشعرا (مولف معلوم ناهي) 1170هه/1756ع، 37. تذڪره بينظير- مير عبدالوهاب افتخار دولت آبادي1172هه/1758ع، 38. باغ معاني- نقش علي 1174هه/1760ع، 39.تذڪره شاعرات (مولف جو نالو خبر نه آهي) 1174هه/1760ع، 40. مقالات الشعرا- مير غلام علي شير قانع تتوي 1169هه/1755ع- 1174هه/1760ع، 41. سفينه عشرت–درگاداس عشرت 1175هه/1761ع، 42. مر دم ديده- ملا عبدالحڪيم حاڪم لاهوري 1175هه/1761ع، 43. خزانه عامره- مير غلام علي آزاد بلگرامي 1176هه/1762ع، 44. تذڪره الشعرا (مولف معلوم ناهي) 1170هه/1756ع- 1180هه1766ع، 45. گل رعنا-لچهمي نر اين شفيق اورنڪ آبادي 1181هه/1767ع- 1182هه1768ع، 46. شام غريبان- لچهمي نر اين شفيق اورنڪ آبادي 1182هه/1768ع، 47. تذڪره يوسف علي خان-يوسف علي خان 1184هه/1770ع، 48. مجموعه عشق يا چهار چمن يا باغ گلهاي حسن- شيخ غلام محي الدين مبتلا و عشق قريشي 1187هه/1773ع، 49. لب لباب- قمر الدين علي 1194هه/1780ع، 50. انيس الاحباد- موهن لعل انيس 1197هه/1782ع، 51. خلاصة الڪلام- علي ابراهيم خان خليل 1187هه/ 1773ع-1198هه/1783ع، 52. عقد ثريا- شيخ غلام علي همداني مصحفي امروهوي 1199هه1784ع، 53. تڪملة الشعر اي جام جمشيد- مولوي محمد قدرت الله شوق 1199هه/1784ع، 54. صحف ابراهيم- علي ابراهيم خان خليل 1205هه/1790ع، 55. خلاصة الافڪار- ابو طالب خان اصفهاني 1207هه/1792ع، 56. تذڪره نوبهار- محمد رفيع الدين نقشبندي 1216هه/1801ع، 57. مخزن الغرايب- شيخ احمد علي هاشمي سنديلوي 1218هه/1803ع، 58. سفينه هندي- ڀڳوان داس بسمل وهندي 1219هه/1804ع، 59. طبقات سخن- شيخ غلام محي الدين قريشي 1222هه/1807ع، 60. تذڪره ڪاتب- ميرزا محمد علي ڪاتب صفوي1225هه/1810ع، 61. رياض الوفاق- ذوالفقار علي مست 1229هه/1813ع، 62. نشتر عشق- آقا حسين قلي خان عاشق عظيم آبادي 1224هه/1809ع-1233هه/1817ع، 63. انيس العاشقين ڪنور دتن سنگهه زخمي 1239هه/1823ع-1245هه/1829، 64. گلدسته ڪرناتڪ- غلام علي موسي رضا رايق 1248هه/1832ع، 65. محڪ شعرا- محمد صالح شاملوي خراساني 1252هه/1836ع، 66. معراج الخيال- وزير علي عبرتي عظيم آبادي 1257هه/1841ع، 67. صبح وطن–نواب محمد غوث خان اعظم 1256هه/1840ع- 1258هه/1842ع، 68، نتايج الافکار- محمد قدرت الله خان قدرت گوپاموي 1256هه/ 1840ع-1257هه/1841ع، 69. نغمه عندليب- محمد رضا نم طباطبائي 1261هه/1845ع، 70. حدايق الشعرا- ميرزا امير بيگ امير بنارس1211هه/1796ع-1262هه/1845ع، 71. خزينة الشعرا- سيد علي ڪبير المدعو محمد مير نجان الہ آباد 1260هه/1844ع-1265هه/1848ع، 72. اشارات بينش- سيد مرتضي بينش 1265هه/1848ع، 73. گلزار اعظم- نواب محمد غوث خان اعظم 1269هه/1852ع، ٽئين حصي ۾ 13 تذڪرن: 1. رياض الفردوس- مولوي محمد حسين خان 1274هه/1854ع، 2. شمع محفل سخن- سيد عبداللطيف الطاف حسيني (سن خبر ناهي)، 3. هفت آسمان- آقا احمد علي 1258هه/1842ع، 4. شمع انجمن- نواب سيد صديق حسن خان نواب 1292هه/1875ع، 5. نگارستان سخن- نواب سيد نور الحسن خان طيب و نور1292هه/1875ع-1293هه/1876ع، 6. صبح گلشن- نواب سيد محمد علي حسن علي خان سليم 1294هه/1877ع-1295هه/1878ع، 7. روز روشن- محمد مظفر حسين صباگو يا موي1295هه/1878ع- 1296هه/1879ع، 8. اختر تابان- ابوالقاسم محتشم 1299هه/1881ع، 9. تذڪرة الخواتين- ميرزا محمد رفيع 1306هه/1888ع، 10. تڪمله مقالات الشعرا- محمد ابراهيم مسڪين و خليل 1306هه/1888ع، 11. حديقه عشرت- ڪنور درگا پرشاد مهر سنديلوي 1311هه/1893ع، 12. تذڪره الشعرا-يحمد عبدالغني موفرخ آبادي 1328هه/1910ع، 13. سخنوران چشم ديده- مولوي ترڪ عليشاه ترڪي قلندر نور محلي1332هه/1913ع ۽ چوٿين حصي ۾1. سخنوران ايران درعصر حاضر- الحاج ڊاڪٽر محمد اسحاق 1351هه/1932ع-1355هه/1936ع، 2. شعر اي عصر پهلوي- دنشاجي ڀائي ايراني 1352هه/1933ع، 3. ايران صغير يا تذڪره شعر اي پارسي زبان ڪشمير- ڊاڪٽر خواجه عبدالحميد عرفاني 1375هه/1955ع، 4. تذڪره شعر اي فارسي زبان پشاور- ڊاڪٽر نذير حسن ميرزا برلاس 1377هه/1954ع جهڙن ناياب تذڪرن جو تفصيلي احوال موجود آهي. ڊاڪٽر علي رضا نقوي تذڪرن جي ذڪر سان گڏوگڏ ان جي مصنف جو پڻ احوال ڏنو آهي. آخر ۾ ٻين رهيل تذڪرن جو احوال پڻ نون ضميمن ۾ ڏنل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جو 879ع صفحن تي مشتمل هي ڪتاب موسسه مطبوعاتي علمي تهران (ايران) مان 1964ع ۾ ڇپجي چڪو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو